واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)روس ۾ جهاز حادثي ۾ نجي مليشيا ويگنر گروپ جي سربراهه جي مارجي وڃڻ کانپوءِ آمريڪي عملدارن جو چوڻ آهي ته کين يقين آهي ته روس اندران ئي ميزائل ڪري يوگيني پريگوزين جو جهاز ڪيرايو هوندو.واشنگٽن مان هڪ بيان ۾ آمريڪي اهلڪارن چيو آهي ته پريگوزين جي جهاز کي ممڪن طور تي زمين کان فضائي ميزائل ذريعي ماريو ويو.آمريڪي عملدارن پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ چيو ته پريگوزين جي موت بابت ڄاڻ اڃا تائين ابتدائي ۽ جائزو هيٺ آهي.پرڏيهي خابرو اداري موجب ويگنر گروپ جو سربراهه يوگيني پريگوزين گذريل ڏينهن روس ۾ جهاز حادثي ۾ مارجي ويو هو.ويگنر گروپ جون ۾ روسي صدر پوتن جي خلاف بغاوت جو اعلان ڪيو.
