رند ڀارتي فائٽر کي هارائي ڇڏيو، سلمان خان جي مبارڪ

دبئي(ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ سپر اسٽار سلمان خان پاڪستاني فائيٽر شاهزيب رند کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته ڇا توهان هر هنڌ پنهنجي مخالف کي 20، 20 سيڪنڊن ۾ ناڪ آئوٽ ڪندا آهيو. دبئي ۾ پاڪستان جي شاهزيب رندڪراٽي ڪامبيٽ ۾ 45 ڪلوگرام جي ڪيٽيگري ۾ ڀارت جي رانا سنگهه کي 20 سيڪنڊن ۾ مات ڏئي ڇڏي. فائيٽ شروع ٿيندي ئي شاهزيب رند پنهنجي مخالف تي لتن ۽ مڪن جو وسڪارو ڪري ڇڏيو ته رانا سنگهه ڪري پيو ۽ ريفري کيس ٽيڪنيڪل ناڪ آئوٽ قرار ڏنو.

پهنجو تبصرو موڪليو