رفع جي وڏي حصي تي آپريشن جا حامي ناهيون،بلنڪن

رياض (ويب ڊيسڪ)آمريڪي پرڏيهي وزير اينٿوني بلنڪن جو چوڻ آهي ته آمريڪا رفح ۾ وڏي پيماني تي اسرائيلي زميني ڪارروائي جي حمايت نٿو ڪري.آمريڪي پرڏيهي وزير انٿوني بلنڪن غزه ۾ جنگ بندي تي ڳالهه ٻولهه لاءِ سعودي عرب پهچي ويو آهي، جتي هو جده ۾ سعودي ولي عهد محمد بن سلمان سان ملاقات ڪندو.عرب ميڊيا کي ڏنل انٽرويو ۾ انتوني بلنڪن چيو ته آمريڪا حماس سان مقابلي لاءِ متبادل آپشن تي غور ڪري رهيو آهي، آمريڪا رفح ۾ وڏي پيماني تي اسرائيلي زميني آپريشن جي حمايت نٿو ڪري.هن چيو ته غزه جنگ جو خاتمو چاهيون ٿا ته جيئن غزه جي پٽي جي مستقبل تي ڪم ڪري سگهجي، ڳاڙهي سمنڊ ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اهو رڳو آمريڪي نه پر عالمي مسئلو آهي. آمريڪا ايران تي دٻاءُ وجهي رهيو آهي ته هو حوثي باغين تي پنهنجو اثر رسوخ استعمال ڪري.انتوني بلنڪن چيو ته حماس کي غزه جي انساني صورتحال جي ڪا پرواهه ناهي، ٻي صورت ۾ هو ڳالهين لاءِ وڌيڪ رعايتون ڏئي ها.

پهنجو تبصرو موڪليو