رفح ۾ اسرائيلي حملا جاري، حماس جي حملن ۾ اسرائيلي فوجي زخمي

غزه (ويب ڊيسڪ)غزه ۾ اسرائيلي فوج پنهنجا حملا تيز ڪري ڇڏيا، فلسطيني مزاحمتي گروپن جو اسرائيلي فوج سان جهيڙو، 50 اسرائيلي فوجي زخمي ٿي پيا.فلسطيني مزاحمتي گروپن ڊرون حملي سان اسرائيلي ٽينڪ کي به تباهه ڪري ڇڏيو.رفح ۾ گڏيل قومن جي گاڏي تي اسرائيلي فوج جي فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ فلسطيني ڊرائيور شهيد ۽ هڪ پرڏيهي امدادي ڪارڪن زخمي ٿي پيو.ٻئي طرف سڄي دنيا ۾ اسرائيلي ظلمن خلاف احتجاج جو سلسلو جاري آهي، ايمسٽرڊيم يونيورسٽي ۾ شاگردن جي مظاهرن خلاف پوليس ڪارروائي ڪئي، ان موقعي تي يونيورسٽي اسٽاف به شاگردن جي حمايت ۾ بيٺو.ان دوران مصر ۾ آمريڪي يونيورسٽين جي شاگردن احتجاج ڪيو ۽ اسرائيلي ڪمپنين جي شين جو بائيڪاٽ ڪرڻ جا نعرا هنيا.

پهنجو تبصرو موڪليو