ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ملڪي راندين جي سامان جي مجموعي برآمدات 32 مهينن بعد بلند ترين سطح تي پهچي ويون۔ راندين جي سامان جي برآمدات جو حجم 3 ڪروڙ 89 لک ڊالرز تائين پهچي ويو۔ دستاويزن مطابق، جولاءِ ۾ راندين جي سامان جي برآمدات ۾ 32.50 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو۔ راندين جي سامان جي برآمدات جو حجم 3 ڪروڙ 89 لک ڊالرز تائين پهتو، آخري ڀيرو آڪٽوبر 2022ع ۾ برآمدات ۾ 35.52 سيڪڙو واڌ ٿي هئي۔ رواں سال اپريل ۾ برآمدات ۾ 22.86 سيڪڙو جي وڏي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي ويئي هئي، جڏهن ته جولاءِ ۾ پاڪستاني فٽبال جي برآمدات ۾ 44.70 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ٿي۔ هڪ مهيني ۾ فٽبال جي برآمدات جو حجم 2 ڪروڙ 57 لک 20 هزار ڊالرز رهيو۔ دستاويزن مطابق جولاءِ ۾ رانديگرن جي دستانن (گلوز) جي برآمدات ۾ به 9.18 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ٿي۔ هڪ مهيني ۾ رانديگرن جي گلوز جي برآمدات جو حجم 50 لک 29 هزار ڊالرز رهيو۔










