ويڊيو جي ڳالهه نه ڪئي هئي، ضمانتن جي موسم آهي، آفريدي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) مملڪتي وزير شهر يار آفريدي چيو آهي ته رانا ثناءُ الله منشيات ڪيس جو ملزم آهي سندس ضمانت ٿي آهي هو آزاد ناهي ٿيو. اهڙو اظهار هن اربع تي پريس ڪانفرنس دوران ڪيو. هن چيو ته هو ملڪ کان ٻاهر هو جنهن سبب ڪابينا اجلاس ۾ شريڪ نه ٿي سگهيو ۽ نه ئي ميڊيا ۾ پنهنجو موقف پيش ڪري سگهيو. هن چيو ته ميڊيا هڪ طرفي رپورٽنگ ڪئي ۽ تاثر ڏنو ته ڪو مون راهه فرار اختيار ڪئي آهي، اهو بلڪل غلط آهي. هن چيو ته مون ويڊيو جي ڳالهه نه ڪئي هئي ڦوٽيجز جي ڳالهه ڪئي هئي. هن چيو ته اڄڪلهه ضمانتن جي موسم آهي پر حڪومت هن ڪيس کي منطقي انجام تائين پهچائيندي. هن ٻڌايو ته گرفتاري جي 17 ڏينهن اندر سڀ ثبوت واسطيدار اداري حوالي ڪري ڇڏيا هئا پر ملزم جا وڪيل ٽرائل ۾ دير ڪرائي رهيا هئا. جيئن ئي ٽرائل شروع ٿيندو ته ثبوت پيش ڪيا ويندا. هن جذباتي انداز ۾ چيو ته ڪنهن کي ڏوهي يا بيگناهه ثابت ڪرڻ عدالت جو ڪم آهي ميڊيا جو ڪم ناهي. ماڊل ٽائون سانحي جو ذميوار ڪير آهي، جنهن ۾ طاهرالقادري جي پارٽي جا ايترا ڪارڪن بيگناهه قتل ٿيا. هن چيو ته نواز شريف لنڊن ۾ علاج نه پيو ڪرائي پر شاپنگ پيو ڪري. ياد رهي ته رانا ثناءُالله کي پهرين جولاءِ تي لاهور ويندي موٽر وي تان گرفتار ڪيو ويو ۽ اينٽي نارڪوٽڪس فورس دعويٰ ڪئي هئي ته هن وٽان 21 ڪلوگرام هيروئن برآمد ٿي آهي پر بعد ۾ چيو ويو ته هيروئن 15 ڪلو آهي. آڊيو ويڊيو ثبوتن جي به دعويٰ ڪئي وئي جيڪي 6 مهينن تائين ٽرائل ڪورٽ ۾ پيش نه ڪيا ويا. جنهن سبب لاهور هاءِ ڪورٽ اڱاري تي رانا ثناءُ الله جي ضمانت منظور ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو