رات جو پوليس لال حويلي ۽ ٻين گهر ڀاتين جي گهرن تي ريڊ ڪئي

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته گذريل رات پوليس لال حويلي ۽ منهنجي ڀائرن جي گهرن تي ڇاپا هنيا.ان حوالي سان پنهنجي هڪ بيان ۾ شيخ رشيد چيو آهي ته پوليس گهر مان قيمتي سامان، ڊرائيور ۽ ملازم کڻي ويا.شيخ رشيد چيو ته پوليس لال حويلي مان ڪيمرا، ليپ ٽاپ ۽ موبائيل فون به کڻي ويا.هن چيو ته مون تي 3 آپگهاتي حملا ٿي چڪا آهن، هاڻي جيڪڏهن ڪو دهشتگردي جو واقعو ٿيو ته ذميوار موجوده حڪمران هوندا.عوامي مسلم ليگ جي سربراهه چيو ته لال حويلي ۾ 50 سالن کان آزادي واري ڏهاڙي تي تقريبون منعقد ٿي رهيون آهن، پوليس لائوڊ اسپيڪرز، آتش بازي ۽ اسٽيج کڻي ويا، آتشبازي ڪٿي ٿيندي؟ شيخ رشيد چيو ته پاڪستان جي شهيدن، غازين ۽ معمارن کي سلام پيش ڪريون ٿا، عوام تيار آهي، يوم آزادي جي ريلي راجا بازار، ڪميٽي چوڪ يا چاندني چوڪ تي ٿي سگهي ٿي، هر 3 ڪلاڪن بعد وڊيو پيغام جاري ڪيو ويندو.هن وڌيڪ چيو ته هو سياسي جلسو نه پر جشن آزادي جو جلسو ڪري رهيا آهن، جيڪڏهن ڪو مسئلو آهي ته مون سان ڳالهايو، ڪنهن کي به قانون هٿ ۾ نه کڻڻ گهرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو