ذوالفقار مرزا ۽ بشارت زرداري ۾ ٻيهر ڇڪتاڻ

پنگريو (ن سنڌ) پنگريو ڀرسان اڳوڻي گھرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا، وفاقي وزير فھميده مرزا ۽ بشارت زرداري ۾ زرعي زمين تان ٻيهر ڇڪتاڻ، فائرنگ جا اطلاع، ايس ايس پي بدين شبير احمد سيٺار سرزمين تي پھچي جائزو ورتو ۽ پوليس پڪٽ قائم ڪري وڏي نفري مقرر ڪري ڇڏي. ساڳئي وقت ڪنھن اڻوڻندڙ صورتحال کي منھن ڏيڻ لاءِ پوليس کي بڪتربند گاڏي پڻ فراھم ڪئي وئي آھي. واضح رھي ته ٽي ڏينهن اڳ ديهه ڦل ۾ زمين جي مالڪيءَ تان ڊاڪٽر ذولفقار مرزا ۽ بشارت زرداري جي ڌرين ۾ ڇڪتاڻ کانپوءِ فائرنگ جو سلسلو شروع ٿي ويو ھو، جنھن تي پنگريو پوليس پھچي ڇڪتاڻ کي روڪي فائرنگ بند ڪرائي ڇڏي. اهڙي صورتحال بعد وفاقي وزير ڊاڪٽر فھميده مرزا قومي اسمبلي ۾ آواز اٿاريندي چيو ھو ته بشارت زرداري سندن زمينن تي قبضو ڪيو آھي. بشارت زرداري پنگريو شگر ملز ۾ رھي ٿو، وٽس جديد ھٿيار به آھن جنھن جي نشاندھي ڪرڻ باوجود انتظاميا سندس خلاف ڪابه ڪاروائي نٿي ڪري. اھڙي صوتحال کانپوء انتظاميا حرڪت ۾ اچي وئي ۽ ايس ايس پي بدين موڪل واري ڏينھن اوچتو پھچي پوليس پڪٽ جو جائزو ورتو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو