ذاتي مفادن لاءِ ڪڏهن به آرمي چيف سان ملاقات ناهي ڪئي: وزيراعظم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعطم شهبازشريف چيو اهي ته مون کي طعنو ڏنو وڃي ٿو ته هي اسٽيبلشمينت جو ماڻهو آهي فلاڻو آهي انهن ڳالهين سان منهنجي صحت تي ڪوبه اثر نٿو پوي مقصد رڳو هڪ هو ته حڪومت، اسٽيبلشمينٽ گڏجي ملڪ کي ترقي ڏيارين باره ڪهو باءِ پاس جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته هتي هن هنڌ ڪلاڪن جا ڪلاڪ ٽريفڪ جي رواني معطل هوندي هئي سڄي ملڪ مان ايندڙ سياهن جو باره ڪهو مان لنگهڻ ڏکيو هو هاڻي رٿا مڪمل ٿيڻ سان ٽريفڪ جا مسئلا حل ٿيندا فيول ۽ وقت بچندو هن چيو ته 11، 12 مهينا اڳ رٿا جو افتتاح ڪيو ويو ان ۾ ڪيترائي چئلينجز آيا ماڻهن کي رستو ڏيڻ عين عبادت آهي ڪڏهن ڪڏهن ملڪ ۽ قوم جي ترقي لاءِ ڏکيا فيصلا ڪرڻا پون ٿا ماضي ۾ به اهڙي قسم جو هڪ فيصلو ڪندي هڪ مزار کي هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ منتقل ڪيو ويو جيڪڏهن نه ڪيو وڃي ها ته اڄ جي ٽي روڊ بلاڪ ٿي وڃي ها شهبازشريف چيو ته مان پنهنجي عادت کان مجبور ٿي رٿا مڪمل ڪرڻ لاءِ ٽن مهينن جو وقت ڏنو پر عدالتي معاملن سميت ٻين چئلينجز جي ڪري دير ٿي هاڻي سڄي ملڪ جا سياح هتان کان آزاد ڪشمير ڏانهن ويندا رٿا مڪمل ٿيڻ سان وقت بچندو وزيراعظم چيو ته هي رٿا به نوازشريف جو ويزن هو ۽ آهي. جنهن نموني سازش ڪري ان جي حڪومت کي هٽايو ويو ٻي صورت ۾ هي رٿا سندس حڪومت ۾ مڪمل ٿي وڃي ها هن چيو ته ميٽرول بس جو منصوبو بند ٿي چڪو هو اسان جي حڪومت ٺهي تها سان چند هفتن ۾ ان کي هلايو آئي ايم ايف معاهدي کان اڳ ناڻي جي ڪمي هئي ان لاءِ ايلسيز کولڻ ڏکيو هو هاڻي ايل سيز کلي رهيون آهن ۽ هاڻي بجلي سان هلندڙ بسون اينديون ته دونهون نه ٿيندو گدلاڻ به نه ٿيندي هن چيو ته رٿا کي مڪمل ڪرڻ ۾ ٻين ماڻهن کان علاوه چيف آف آرمي اسٽاف جنرل عاصم منير جو اهم ڪردار آهي جيڪڏهن هو مڪمل طور تي ان تي ڌيان نه ڏي ها ۽ سپورٽ نه ڪري ها ته هي ڪم مڪمل نه ٿئي ها مان ان جو ٿورائتو اهيان هن ان لاءِ وڏي ڪمنٽمنٽ ڏيکاري آهي. هن چيو ته اڳوڻي صدر پرويز مشرف بابت چيو ويندو هو ته شهبازشريف ان جي ويجهو آهي پر نوازشريف جيل ويو مان به جيل ويس ان وانگر منهنجو خاندان به جلاوطن ٿيو مون کي ڇا مليو منهنجي دل ۾ هڪ ئي ڳالهه سمايل هئي آهي ۽ رهندي ته اسان جون زميني حقيقتون اهي آهن ته هن غريب قوم جو اسان کي خيال ڪرڻو اهي وزيراعظم چيو ته انهن لکين غريب ماڻهن جي حالتن کي مان اوهان ۽ نه مريم اونگزيب سمجهي سگهي ٿي انهن حالتن کي رڳو اهي ماڻهو سمجهي سگهن ٿا جيڪي انهن حالتن کي منهن ڏئي رهيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو