دڪان ، گهر تي ڪيل ڀڃ ڊاھ خلاف پيرسن جو احتجاج

دڪان ، گهر تي ڪيل ڀڃ ڊاھ خلاف پيرسن جو احتجاج

ٽنڊو محمد خان ( ن س)ٽنڊو محمد خان جي مشترڪه ڪالوني ۾ دڪان ، گهر تي مبينه حملي ۾ ڪيل ڀڃ ڊاھ ، نقصان تي واپاري پنهنجي زال سان گڏ اعلى اختيارين کان انصاف جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي ، ٽنڊو محمد خان جي مشترڪه ڪالوني جي رهواسي الطاف حاجاڻو ۽ سندس زال فوزيه حاجاڻو ٽنڊو محمد خان پريس ڪلب ۾ اچي پنهنجو احتجاج ڪندي الزام لڳايو آهي ته اسان جي ذاتي ملڪيت واري ڪريانه مرچنٽ ۽ گيم جي دڪان تي فوجي ۽ عبدالغني پنهنجي ساٿين سميت ڀڃ ڊاھ ڪري هزارين روپين جي نقصان سان گڏ غيرقانوني طور قبضو ڪري ڇڏيو آهي جنهن ۾ وري اسان کي نقصان رسائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي پئي ، اسان جي ڪيل شادي جي ڪري اسان کان هاڻي انتقام ورتو وڃي پيو ته جيئن زال مڙس کي زبردستي الڳ ڪري طلاق ڏيارڻ تي مجبور ڪيو وڃي ، جنهن ۾ اسان کي نقصان رسائڻ کانپوءِ هاڻي خاموش رهڻ لاءِ قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون پڻ ڏنيون ويون آهن جنهن سبب اسان جي حياتين کي خطرو آهي ، اسان سان انصاف ڪري دڪانن کي نقصان رسائيندڙ خلاف پوليس فرياد داخل ڪري ۽ کين فوري طور گرفتار ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ اسان ايس ايس پي آفيس آڏو مرڻ گهڙي تائين بک هڙتال ڪنداسين .

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو