دپيڪا ۽ رنوير جي گهر جلد ٻار اچڻ جي تصديق

ممبئي (ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ جو مشهور جوڙو دپيڪا پڊوڪون ۽ رنوير سنگهه هن سال پنهنجي پهرين ٻار جي ڄمڻ جو انتظار ڪري رهيا آهن جنهن جي تصديق جوڙي 29 فيبروري تي ڪئي هئي.ان کان اڳ ڀارتي ميڊيا دعويٰ ڪئي هئي ته بالي ووڊ جوڙو دپيڪا پڊوڪون ۽ رنوير سنگهه، جيڪي 2018 ۾ شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي ويا هئا، ننڍڙا مهمان اچڻ جا منتظر آهن.هاڻي خميس جي صبح، اداڪار-جوڙي انسٽاگرام تي هڪ گڏيل پوسٽ شيئر ڪئي جنهن ۾ اهو ظاهر ڪيو ويو ته اهي هن سال سيپٽمبر ۾ هڪ ٻار جي توقع ڪري رهيا آهن.رنوير ۽ دپيڪا جي ان پوسٽ تي ڀارت جون مشهور شخصيتون خوشي جو اظهار ڪري رهيون آهن ۽ مبارڪون پڻ ڏئي رهيون آهن.شهناز گل سان گڏ ڪريتي سينن، ورون ڌون، ايوشمان خرانا ۽ گوهر خان وغيره به جوڙي جي پوسٽ تي تبصرو ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو