دپيڪا جي هالي ووڊ ۾ ساڍن چئن سالن بعد ٻيهر انٽري

ممبئي (ويب ڊيسڪ) اداڪارا دپيڪا پڊوڪون ساڍن4 سالن بعد ٻيهر هالي ووڊ  ۾ واپس انٽري ڪئي آهي. هن هالي ووڊ پراجيڪٽ جو اعلان ڪيو آهي. ان کان اڳ اداڪارا 2017ع ۾ هالي ووڊ اسٽار ون ڊيزل سان گڏ ”فلم ٽرپل ايڪس“ رٽرن آف زينڊر ڪيج“ ۾ ڪم ڪيو هو. ان کان پوءِ اداڪارا ڪنهن به هالي ووڊ پراجيڪٽ ۾ نظر نه آئي هئي، گھڻي عرصي کانپوءِ دپيڪا پنهنجي ٻئين هالي ووڊ فلم سائن ڪئي آهي جيڪا هڪ رومينٽڪ ڪاميڊي فلم آهي، فلم جو نالو منظر عام تي ناهي آيو. اها فلم آمريڪي ميڊيا ڪمپني ايس ٽي ايڪس گلوبل ڪارپوريشن ٺاهي رهي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو