پشاور (ويب ڊيسڪ)ايئرپورٽ سڪيورٽي فورس (اي ايس ايف) پشاور ايئرپورٽ تي ڪارروائي ڪندي دوحا کان ويندڙ مسافر وٽان منشيات هٿ ڪري ورتي.اي ايس ايف ترجمان موجب مسافر وصال احمد جي بيگ ۾ 1.035 ڪلو گرام آئس هيروئن لڪايو ويو هو.اي ايس ايف ترجمان جو چوڻ آهي ته اي ايس ايف اهلڪارن سامان جي تلاشي دوران منشيات هٿ ڪري اسمگلنگ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي.شروعاتي جاچ کانپوءِ اي ايس ايف اهلڪارن جوابدار کي هٿ آيل منشيات سميت اينٽي نارڪوٽڪس فورس حوالي ڪري ڇڏيو.اي ايس ايف ترجمان اهو به ٻڌايو ته اي اين ايف جوابدارن خلاف وڌيڪ قانوني ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي.










