دهشتگردي ڪيس: عمران خان ۽ ٻيا اڳواڻ طلب

دهشتگردي ڪيس: عمران خان ۽ ٻيا اڳواڻ طلب

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پوليس جي ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ (سي ٽي ڊي) اڳوڻي وزيراعظم عمران خان ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي ٻين 18 اڳواڻن کي داخل ڪيسن ۾ 18 مارچ تي طلب ڪري ورتو.سي ٽي ڊي داخل ٿيل ڪيسن ۾ ملوث عمران خان ۽ ٻين کي 18 مارچ تي پيش ٿيڻ جي هدايت ڪندي نوٽيس ۾ چيو آهي ته هو جاچ کانپوءِ پنهنجو موقف پيش ڪن، ٻي صورت ۾ قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.عمران خان سميت ٻين اڳواڻن کي دهشتگردي جي 2 ڪيسن ۾ طلب ڪيو ويو آهي، علي امين گنڊاپور، علي نواز اعواڻ، مراد سعيد، شبلي فراز، عمرا ايوب، عامر ڪياني ۽ اسد عمر، راجا خرم نواز، فرخ حبيب، جمشيد مغل، عمر سلطان، حسن نيازي کي به پوليس اسٽيشن سي ٽي ڊي طلب ڪيو ويو آهي.ان کان علاوه گولاڙچي ٿاڻي ۾ دهشتگردي جي الزام هيٺ داخل ڪيس ۾ به عمران خان کي طلب ڪيو ويو آهي.گولاڙچي ٿاڻي ۾ داخل ڪيس ۾ پي ٽي آءِ جي اسد عمر، علي نواز اعواڻ، جمشيد مغل سميت 10 اڳواڻن کي طلب ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو