دعا آهي چونڊون ملڪ ۾ معاشي استحڪام ۽ خوشحالي آڻين: آرمي چيف

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)آرمي چيف جنرل عاصم منير جو چوڻ آهي ته 25 ڪروڙ آبادي واري ترقي يافته ملڪ لاءِ افراتفري مناسب ناهي، دعا آهي ۽ خواهش آهي ته تازيون چونڊون ملڪ ۾ معاشي استحڪام آڻين.پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته آرمي چيف عام چونڊن جي ڪامياب انعقاد تي قوم ۽ نگران حڪومت، اليڪشن ڪميشن ۽ سياسي پارٽين کي مبارڪباد ڏني آهي. آرمي چيف عام چونڊن ۾ ڪاميابي حاصل ڪندڙ سمورن اميدوارن کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته ووٽ جي حق لاءِ عوام جي آزاد شموليت جمهوريت سان وابستگي جو ثبوت آهي.جنرل عاصم منير چيو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارا تمام گهڻي تعريف جا مستحق آهن، جيڪي مشڪلاتن جي باوجود پرامن چونڊ ماحول پيدا ڪري رهيا آهن. ميڊيا، سول انتظاميا ۽ عدليه جي تعميري ڪردار ملڪي تاريخ جي سڀ کان وڏي چونڊ مهم جو ڪامياب انعقاد ممڪن بڻايو.پاڪ فوج جي سربراهه چيو ته چونڊون ۽ جمهوريت پاڪستان جي عوام جي خدمت جو ذريعو آهن، اسان کي سوچڻ گهرجي ته ملڪ اڄ ڪٿي بيٺو آهي ۽ ٻين قومن ۾ اسان جو صحيح مقام ڪٿي هجڻ گهرجي.هن وڌيڪ چيو ته چونڊون کٽڻ ۽ هارائڻ جو مقابلو نه پر عوام جي مينڊيٽ جو تعين ڪرڻ جي مشق آهي، جمهوري قوتن جي نمائنده حڪومت ئي قومي مقصد سان ملڪ جي متنوع سياست جي بهتر نمائندگي ڪندي.هن چيو ته پاڪستان جي عوام پاڪستان جي آئين تي گڏيل اعتماد جو اظهار ڪيو آهي، سياسي پارٽين کي سياسي پختگي ۽ اتحاد سان قوم جي اعتماد جو جواب ڏيڻ گهرجي، 25 ڪروڙ آبادي جي ترقي يافته ملڪ لاءِ انتشار مناسب ناهي، دعا ۽ خواهش آهي. اميد آهي ته اهي چونڊون ملڪ ۾ سياسي ۽ معاشي استحڪام ۽ خوشحالي آڻينديون.

پهنجو تبصرو موڪليو