”دشمن عرب ملڪن جي شهرين کي قطر جي ويزا نه ڌينداسين“

دوحا (م ڊ) قطر ۾ قومي سياحي ڪائونسل جي سيڪريٽري جنرل جو چوڻ آهي ته سندس ملڪ دشمنن کي ويزا جاري نه ڪندو. اهڙو بيان هن مصر جي شهرين پاران قطر گهمڻ لاءِ ويزا جي خواهش ظاهر ڪرڻ کان پوء سامهون آيو آهي. ياد رهي ته 2017 ۾ سعودي عرب، متحده عرب امارات، بحرين ۽ مصر قطر سان سفارتي تعلقات ختم ڪيا هيا. انهن ملڪن جي طرفان قطر تي لڳايل پابندي کان پوء انهن عرب ملڪن پنهنجي شهرين کي قطر مان واپس گهرايو هو. مصر جا شهري قطر ۾ وڏي تعداد ۾ رهندا هئا. غير ملڪي خابرو اداري رائٽرز جي رپورث مطابق گرم موسم جي حوالي سان منعقد سياحتي مهم جي هڪ تقريب کي خطاب ڪندي سياحتي ڪائونسل جي عملدار اڪبر الڪبر جو چوڻ هو ته قطر ۾ مصري شهرين کي سياحتي شعبي کي فعال ڪرڻ لاء ملڪ ۾ داخلا جي اجازت نه آهي. ان جو چوڻ هو ته دشمن ملڪن کي ويزا نه ڏني ويندي. ياد رهي ته قطر تي عرب ملڪن جي طرفان پابندي لڳائي وئي هئي. قطر جي آبادي 27 لک ماڻهن تي مشتمل آهي، جن مان ڪل 3 لک ماڻهن وٽ شهريت حاصل آهي. قطري عهديدار جو چوڻ هو ته جڏهن توهان قطر جي طرف دوستي جو هٿ وڌائيندا ته توهان ڏي به قطرهٿ وڌائيندو، توهان قطر جي مخالفت نه ڪندا ته قطر به توهان جي مخالفت نه ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو