دبئي جي شيخ 69 ڪروڙ روپين جو گهوڙو خريد ڪري ورتو

لنڊن (ڊيسڪ نيوز) دبئي جي حڪمران شيخ محمد بن راشد المختوم 43 لک 56 هزار ڊالرن جو ريس وارو گهوڙو خريد ڪيو آهي. دبئيءَ جي امير حڪمران ”دوباوي“ نسل جو گهوڙو لنڊن ۾ ٿيل هڪ نيلام مان سخت مقابلي بعد خريد ڪيو آهي. چيو وڃي ٿو ته نوجوان گهوڙي ۾ مستقبل جو سپراسٽار ٿيڻ جون سموريون صلاحيتون موجود آهن. شيخ محمد بن راشد المختوم جي ترجمان انٿوني اسٽروڊ جو چوڻ آهي ته اهو هڪ زبردست ايٿليٽ گهوڙو آهي جنهن کي شيخ محمد پسند ڪيو ۽ خريد ڪري ورتو. ياد رهي ته شيخ محمد گهوڙن جي ريس جي هڪ گروپ ”گوڊولفن“ جو ڪرتا ڌرتا آهي.  پاڪستاني روپين ۾ گهوڙي جي قيمت 69 ڪروڙ 69 لک 60 هزار ٿئي ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو