داسو واقعي تي چين جا سخت تحفظات، ڪم بند ڪرڻ جو اعلان

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) چين جي پوليس ۽ مختلف ايجنسين جي 15 رڪني ٽيم داسو حادثي جي جاچ لاءِ وفاقي گادي واري شهر پهچي وئي آهي ۽ داسو ۾ جاءِ واردات جو معائنو ڪيو آهي. چين پاڪستان پاران دهشتگردي جي واقعي کي حادثو ظاهر ڪرڻ تي سخت ڳڻتي ظاهر ڪندي احتجاج نوٽ ڪرايو آهي. ٻئي پاسي داسو ڊيم تي ڪم ڪندڙ چيني ڪمپني ڪم بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. ’چائنا گيزهوبا گروپ آف ڪمپنيز‘ کي 180 ارب روپين جو ٺيڪو 2017 ۾ مليو هو. چيني ڪمپني پاڪستاني ملازمن کي به فارغ ڪري ڇڏيو آهي. چين جي ٽيم پاڪستاني اختيارين پاران ڏنل متضاد بيانن بعد شڪ جي بنياد تي جاچ لاءِ پهتي آهي. 14 جولاءِ تي صبح جو داسو هائيڊرو پاور پروجيڪٽ تي ڪم ڪندڙ چيني انجنيئرز ۽ پاڪستاني مزدور جڏهن هڪ گاڏي ۾ سائيٽ لاءِ روانا ٿيا ته سندن گاڏي سان پيش آيل حادثي سبب 9 چيني انجنيئرز سميت 12 ڄڻا اجل جو شڪار ٿيا.

Screen shot

ڊي سي ڪوهستان چيو ته گاڏي ڌماڪي ۾ تباهه ٿي. پرڏيهي کاتي چيو ته فني خرابي سبب گاڏي کڏ ۾ ڪري پئي جتي گيس ليڪ ٿيڻ سبب ڌماڪو ٿيو. پاڪستان ان کي حادثو قرار ڏنو. بعد ۾ چيني سفارخاني جي بيان ۾ ٻڌايو ويو ته گاڏي چيني شٽل ڪمپني جي هئي ۽ بارودي مواد جي ڌماڪي کي نظر انداز نٿو ڪري سگهجي. جنهن بعد فواد چوڌري به بيان ڏنو ته دهشتگردي جي ڪاروائي کي نظر انداز نٿو ڪري سگهجي.

سنڌو درياءَ تي 4320 ميگا واٽ جو حائيڊل بجلي گهر ٺاهڻ لاءِ سول ورڪس جو ٺيڪو چيني ڪمپني کي مليل آهي. پاڪستان ۾ چين ڪيترن ئي منصوبن تي ڪم ڪري رهيو آهي ۽ هي پهريون ڀيرو ناهي ته چينين کي نشانو بڻايو ويو آهي. بلوچستان ۾ بلوچ شدت پسند ۽ طالبان مٿن حملا ڪندا رهندا آهن. داسو معاملي ۾ چين کي شڪ ان ڪري پيدا ٿيو ته پاڪستان ان کي هڪ حادثو قرار ڏنو. چيني تحقيقاتي ٽيم پنهنجي اسٽاف کان پڇا ڳاڇا ڪندي، جاءِ واردات جو معائنو ڪندي ۽ تباهه ٿيل گاڏي جو فورينزڪ معائنو ڪندي.

پهنجو تبصرو موڪليو