خيبر پختونخوا پوليس جو پهريون سنائپر اسڪواڊ تيار

خيبر پختونخوا پوليس جو پهريون سنائپر اسڪواڊ تيار

پشاور (ويب ڊيسڪ)خيبر پختونخوا پوليس وڌندڙ دهشتگردي کي نظر ۾ رکندي پنهنجو پهريون سنائپر اسڪواڊ تيار ڪيو آهي.سينٽرل پوليس آفيس موجب، اسڪواڊ کي جديد تربيت، جديد هٿيارن ۽ ٿرمل اميجنگ ڊوائيسز سان ليس ڪيو ويو آهي.سي پي او موجب، هر اسڪواڊ ۾ 10 اهلڪار شامل هوندا جن کي خاص طور تي ڪجهه فاصلي تي لڪيل دشمن کي نشانو بڻائڻ لاءِ تربيت ڏني وئي آهي.هي فورس شروعاتي طور تي ڏکڻ ضلعن، مالاڪنڊ ڊويزن ۽ سرحدي علائقن ۾ دهشتگردي جي خطري کي مؤثر طريقي سان منهن ڏيڻ لاءِ مقرر ڪئي ويندي.پوليس جي ترجمان چيو ته ايليٽ فورس جي سنائپر اسڪواڊ کي ٽن مهينن جي جديد سنائپر تربيت ڏني وئي آهي، جڏهن ته اهلڪارن کي سياري جي موسم دوران ٿرمل اميجنگ ڊوائيسز پڻ فراهم ڪيا ويندا.

پهنجو تبصرو موڪليو