صدر ۽ وزيراعظم اسلام آباد،نواز جيل ۾ عيد پڙهي

ڪراچي( ڊيسڪ رپورٽ) اربع ڏينهن سڄي ملڪ ۾ عيدالفطر مذهبي جوش ۽ جذبي سان ملهائي وئي. صدر عارف علوي، ڪجهه وزيرن، مشيرن ۽ اسلامي ملڪن جي سفيرن فيصل مسجد اسلام آباد ۾ عيد جي نماز پڙهي. وزيراعظم پنهنجي گهر واري مسجد ۾ عيد نماز جو انتظام ڪيو جنهن ۾ گهڻي ڀاڱي سندس اسٽاف گڏ نماز ادا ڪئي. آرمي چيف ڪنٽرول لائن تي جوانن سان گڏ، چيئرمين سينيٽ صادق سنجراڻي ڪوئٽا، ميان نواز شريف ڪوٽ لکپت جيل جي مسجد ۾ عيد پڙهي. چئني صوبن ۾ عيد نماز کان اڳ خطبن م عيد جي اهميت بابت تقريرون ڪيون ويون ۽ پاڪستان جي خوشحالي ۽ سلامتي جون دعائون گهريون ويون.

ڪراچي ۾ عيد جي موقعي تي ملڪي خوشحالي ۽ سلامتي لاءِ دعائون

هن سال به پاڪستان ۾ هڪ ڏينهن عيد نه ٿي. خيبرپختونخواه حڪومت سرڪاري طور تي اڱاري ڏينهن عيد ملهائي ڇڏي هئي. جڏهن ته صوبي ۾ اڄ به ڪيترن جاين تي عيد نماز ٿي. سائنس ۽ ٽيڪنالوجي واري وزير فواد چوڌري پنهنجي صوبائي حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو ته ان سان ملڪ ۾ تقسيم پيدا ٿيندي ۽ پارٽي تي فرق پوندو.

پشاور ۾ هڪ ڏينهن اڳ عيد ڪرڻ بعد به اڄ ڪافي جاين تي عيد ملهائي وئي

جنهن تي خيبر پختونخواه جي صوبائي وزير شوڪت يوسفزئي کيس مخاطب ٿيندي چيو ته “مفتي فواد” کي پنهنجو ڪم ڪرڻ گهرجي. ملڪ کان هڪ ڏينهن اڳ عيد ملهائڻ تي تنقيد بعد يوسفزئي معافي وٺندي هڪ روزو ڪفاري طور رکڻ جو اعلان ڪيو هو. يوسفزئي مفتي منيب تي به تنقيد ڪندي چيو هو ته هن کي چنڊ ڏسڻي ڪاميٽي هاڻي ڇڏڻ گهرجي ۽ تڪرار مولوي مفتي پوپلزئي ڪميٽي جو نئون چيئرمين ٿيڻ گهرجي. جنهن تي مفتي منيب کيس چيو ته پختونخواه حڪومت پوپلزئي حوالي ڪريو هر ڪم 24 ڪلاڪ اڳ ۾ ڪري ڏيندو.  هن ڀيري مصر ۽ فلسطين به اربع تي عيد ملها.ي ۽ سعودي سان گڏ عيد نه ڪئي. 1984 کان فلسطين سعودي سان گڏ عيد ڪندو آحي پهريون دفعي فلسطين ۾ به ٻه عيدون ٿيون. آصف علي زرداري نوابشاهه ۾ ۽ بلاول ڀٽو زرداري لاڙڪاڻي ۾ عيد ملهائي.

پهنجو تبصرو موڪليو