خورشيد شاهه کي نيب سکر منتقل ڪري ڇڏيو،پٽن جي ضمانت

سکر( جئيرام داس) سيد خورشيد شاهه کي نيب اسلام آباد مان گرفتار ڪرڻ بعد جمع تي شام جو سکر پهچائي ڇڏيو. کيس ڇنڇر تي نيب سکر جي عدالت ۾ رمانڊ لاءِ پيش ڪيو ويندو. نيب سندس ٻن ڏينهن جو راهداري رمانڊ اسلام آباد جي اهٽساب عدالت جي جج محمد بشير جي عدالت مان ورتو هو. جتي سندس طبيعت خراب ٿيڻ بعد پولي ڪلينڪ ۾ داخل ڪيو ويو هو. جتي سيد نيئر بخاري ۽ ٻيا ساڻس ملڻ ويا ته نيب وارن ساڻس ملڻ نه ڏنو. خورشيد شاهه سان صحافين سان ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي ته هن کين چيو ته جيتري پاڪستان جي بجيٽ ناهي اوتري ڪرپشن جو مون تي الزام آهي.

نيب جي حراست ۾ آهيان وڌيڪ نٿو ڳالهائي سگهان. ٻئي پاسي سندس ڀائٽي اويس قادر شاهه کانپوءِ سندس ٻن پٽن اويس قادر شاهه ۽ زيرڪ شاهه به هاءِ ڪورٽ مان حفاظتي ضمانت ڪرائي ورتي آهي. سکر ايئرپورٽ تي وڏي تعداد ۾ پي پي ڪارڪن ۽ سندس خاندان جا مانحو موجد هئا پر نيب وارن وڏي تعداد ۾ پوليس ۽ رينجرز گهرائي کيس ڪنهن سان ملڻ نه ڏنو ۽ پر ٻاهيو کيس نيب هيڊ ڪوارٽر منتقل ڪيو ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو