سکر(بيورو رپورٽ)سپريم ڪورٽ پاران پ پ جي مرڪزي اڳواڻ خورشيد شاهه جي ضمانت منظور ڪرڻ واري آرڊر جي تصديق وارو ليٽر احتساب عدالت سکر کي ملي ويو. احتساب عدالت جي جج فريد انور قاضي جي عدالت خورشيد شاهه جي آزادي جو آرڊر جاري ڪري ڇڏيو. آرڊر جيل انتظاميا حوالي ٿي ويو، ٿوري دير ۾ خورشيد آزاد ٿيندو، جيل ٻاهران جيالن جهمريون پائي ۽گل پاشي ڪري ، دهلن ۽ شرنائين سان کيس گهر روانو.










