خوراڪ کاتي کي بند ڪرڻ جون سازشون ناڪام بڻائينداسين؛ اڳواڻ

خوراڪ کاتي کي بند ڪرڻ جون سازشون ناڪام بڻائينداسين؛ اڳواڻ

سکر(امداد علي ڪلوڙ) آل سنڌ فوڊ فيلڊ ايمپلائيز ايسوسيئيشن جي صوبائي صدر حاجي موچارو مڱريو، جنرسيڪريٽري مير محمد مگسي، مختيار عباسي، چيئرمين آصف علي شيخ ۽ ٻين سکر پريس ڪلب ۾پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته خوراڪ کاتي کي 100 ارب روپين جو قرضي ڄاڻائي بند ڪرڻ جون سازشون ڪيون پيون وڃن. ملازمن کي بيروزگار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي. هنن چيو ته رڳو فوڊ انسپيڪٽرن کي چور قرار ڏنو وڃي ٿو پر ڪرپٽ آفيسرن کي پوسٽنگيون ڏنيون وڃن ٿيون. خوراڪ کاتي ۾ من پسند ماڻهن کي رشوت عيوض ٺيڪا ڏنا وڃن ٿا. سيڪريٽري آڏو ڪيترائي ڀيرا دانهيو آهي ته ٽائيم اسڪيل سميت ڪوبه مسئلو حل نه ٿو ڪيو وڃي 1 کان 16 گريڊ تائين جي ملازمن سان زيادتيون ڪيون وڃن ٿيون. 28 سالن کان پروموشن ناهن ٿيا اداري جي ڊي پي سي نه ٿي ويهاري وڃي. سڄي سنڌ اندر خوراڪ کاتي جي ملازمن سان ناانصافيون ٿي رهيون آهن. صوبائي وزير هري رام ڪشوري ۽ سندس پرسنل سيڪريٽري ڪي ايم سي ملازم خيام خان جي حڪم تي هڪ ڪرپٽ اي ايف سي کي ايڪٽنگ چارج ڪري ڊي ايف سي مقرر ڪيو آهي جنهن جو صوبائي وزير نوٽيفڪيشن ڪينسل ڪيو هو. هنن وڌيڪ چيو ته ڪراچي جي اڳوڻي ايڊيشنل ڊي ايف سي ملير محمد اسلم جنهن 6 ارب روپين جي ڪڻڪ اوڌر تي ڏني ۽ اينٽي ڪرپشن آڏو ڏوهه قبول ڪيو جيڪو ضمانت تي آهي ان باوجود کيس نوڪري تي بحال ڪيو ويو آهي جيڪا عدالتي حڪم جي توهين آهي صوبائي وزير جو پي ايس خيام خان ڊي ايف سي ملير سرفراز ڪمانگر کي چارج ڇڏڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي جيڪو پنهنجا من پسند آفيسر مقرر ڪرائي وفاداريون حاصل ڪرڻ چاهي ٿو. دادو ۾ ڪروڙين روپين جي ڪرپشن ڪندڙ وشنداس کي 30 لک روپيا وٺي سکر ۾ ڊي ايف سي مقرر ڪيو ويو آهي. هنن چيو ته جيڪڏهن اسان جي مطالبن تي عمل نه ڪيو ويو ته سڄي سنڌ ۾ احتجاجي تحريڪ جو سلسلو شروع ڪيو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو