خوراڪ کاتي جي 7 ضلعن ۾ ڪرپشن 10 ارب وصول

سکر(امداد ڪلوڙ) قومي احتساب بيورو سکر پاران جاري ڪيل هڪ پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته نيب سکر جي ٽيم سنڌ جي 7 ضلعن سکر، گهوٽڪي، لاڙڪاڻو، خيرپور، نوشهروفيروز، ڪشمور ۽ قمبر ۾ خوراڪ کاتي جي گودامن ۾ ڪيل خرد برد ۽ بدعنواني خلاف ڪارروائي ڪندي تقريبن 10 ارب روپيا وصول ڪيا. قومي احتساب بيورو پاران هي ڪامياب ڪارروائي کليل ڪچهرين دوران وصول ٿيندڙ مختلف شڪايتن تحت ڪئي وئي جنهن ۾ نيب جي آفيسرن ۽ عملي سخت محنت ڪري آپريشن ڪامياب بڻايو. 10 ارب روپين جي وصولي اڄ تائين نيب جي سڀ کان وڏي وصولي آهي جيڪو نيب سکر جي ڪاڪردگي جو چٽو ثبوت آهي. وصول ڪيل رقم خزاني ۾ جمع ڪرائي وئي آهي. جڏهن ته 6.2 ارب روپين جا ريفرنس عدالتي ڪارروائي لاءِ تيار آهن. گذريل ڪجهه سالن دوران هي نيب سکر جي سڀ کان وڏي ڪارروائي آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو