خبرن جي ترديد،بورڊ نيگليريا خاتمي لاءِ ڪم ڪري پيو: سي اي او

ڪراچي (پ ر) سي اي او واٽر بورڊ انجنيئر سيد صلاح الدين احمد پاران پاڻي ۾ ڪلورين بدران فينائل ملائڻ جي خبرن جي سختي سان ترديد ڪندي چيو آهي تہ واٽر بورڊ نيگليريا جي روڪٿام لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهيو آهي جڏهن تہ صحت واري عالمي اداري پاران مقرر ڪيل معيار ۽ مقدار موجب شهرين کي فراهم ڪيل پاڻي ۾ ڪلورين جي گهربل مقدار شامل ڪئي پئي وڃي ان کان علاوه ھائيڊرنٽس سيل مان فراهم ٿيندڙ پاڻي ۾ ڪلورين ملائڻ جي عمل کي مڪمل يقيني بڻايو ويو آهي ھن چيو واٽر بورڊ ڇھ مختلف هنڌن تي قائم پنهنجي نو فلٽر پلانٽس ذريعي پاڻي ۾ مناسب ڪلورينيشن شامل ڪري رهيو آهي ان سلسلي ۾ سي او ڊي فلٽر پلانٽ، حب فلٽر پلانٽ، اين ئي ڪي اولڊ، اين ئي ڪي ٽو، پپري فلٽر پلانٽ سميت گھارو فلٽر پلانٽ مان باقاعده ڪلورين شامل ڪئي پئي وڃي، ھن چيو سمورا فلٽر پلانٽس مناسب ڪلورينيشن لاءِ چوويهه ڪلاڪ ڪم ڪري رهيا آهن جڏھن تہ واٽر بورڊ هر مهيني ضرورت مطابق ڪلورين جا 240 سلنڈر استعمال ڪري ٿو، ھن چيو تہ واٽر بورڊ ٻن مرحلن ۾ پاڻي ۾ ڪلورين شامل ڪندو آهي، پهرين مرحلي ۾ پري فلٽريشن ڪلورينيشن 1.0 پي پي ايم جڏهن تہ ٻئي مرحلي ۾ پوسٽ فلٽريشن ڪلورينيشن 2.0 پي پي ايم تي شامل ڪئي ويندي آهي ان کان علاوه ليب يونٽ اسٽاف واٽر بورڊ شهر جي مختلف علائقن ۾ پاڻي ۾ ڪلورين جي مقدار کي چيڪ ڪري رهيو آهي، ان موقعي تي سي اي او واٽر بورڊ شھرين کي مشورو ڏيندي چيو تہ صارفين هر مهيني عمارتن جي زير زمين ۽ اوور هيڊ ٽينڪن کي چڱيءَ ريت صاف رکن ۽ شھري ھڪ ھزار گيلن جي پاڻي جي ٽينڪ ۾ هڪ ڪلورين گوري استعمال ڪن جيڪا 15 ڏينهن لاءِ ڪافي آهي، ھن جو وڌيڪ چوڻ هو تہ واٽر بورڊ صحت کاتي سميت سنڌ حڪومت جي ٻين لاڳاپيل ادارن سان گڏ نيگليريا وائرس خلاف جنگ ۾ مصروف آهي اگر اسان سڀ گڏجي سمورين ھنن احتياطي تدبيرن تي عمل ڪريون تہ هن خطرناڪ مرض کان سئو سيڪڙو محفوظ رهي سگهون ٿا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو