خان جي جيل ۾ سهولتن بابت رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع

خان جي جيل ۾ سهولتن بابت رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پي ٽي آءِ چيئرمين کي سندس فرمائش تي جيل ۾ ديسي گيهه ۾ تيار ٿيل چڪن ۽ مٽن ڏنو وڃي ٿو، پي ٽي آءِ جي ڏوهاري چيئرمين کي پيمنٽ آرڊر تي منرل واٽر ۽ ٻيون شيون به گهرائي ڏنيون وڃن ٿيون،اٽارني جنرل اٽڪ جيل ۾ قيد پي ٽي آءِ چيئرمين کي ملندڙ سهولتن بابت رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي،اٽارني جنرل چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي چيمبر ۾ سيل ٿيل رپورٽ جمع ڪرائي،ذريعن موجب جسٽس مظاهر ۽ جسٽس مندوخيل جي چيمبرز ۾به اها رپورٽ جمع ڪرائي وئي آهي،رپورٽ موجب پي ٽي آءِ چيئرمين کي بيرڪ مان ٻاهر ڪڍي جيل جي احاطي ۾ واڪ ڪرڻ جي اجازت به ڏني وئي آهي، کيس روزاني بنياد تي ميوا به ڏنا وڃن ٿا،سپريم ڪورٽ پي ٽي آءِ چيئرمين کي جيل ۾ حاصل سهولتن بابت رپورٽ طلب ڪئي هئي

پهنجو تبصرو موڪليو