حڪومت پاران اضافي فنڊنگ جو منصوبو آءِ ايم ايف حوالي

حڪومت پاران اضافي فنڊنگ جو منصوبو آءِ ايم ايف حوالي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)حڪومت پاران 3 ارب ڊالرن جي اضافي فنانسنگ جو منصوبو انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ (آءِ ايم ايف) کي ڏئي ڇڏيو آهي.ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب رائز ٽو پروگرام مان 45 ڪروڙ رپيا، اي آءِ آءِ بي ۽ ڪمرشل بئنڪن کان هڪ ارب ڊالر ڏنا ويندا.ذريعن جو چوڻ آهي ته ناڻي واري وزارت ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ فنانسنگ تي ڳالهيون جاري آهن.اختيارين آءِ ايم ايف کي درخواست ڪئي آهي ته معاهدو ٿيڻ جي صورت ۾ فنانسنگ جو بندوبست آسان ٿي ويندو.ذريعن موجب پهريان آءِ ايم ايف سان معاهدو ٿيندو يا ٻيو 3 ارب ڊالرن جي ضمانت گهربل آهي، ان حوالي سان آءِ ايم ايف جي جواب جو انتظار آهي.ناڻي واري وزارت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته قرض جي منصوبي تي آءِ ايم ايف کان جواب جو انتظار آهي، جنيوا ۾ ڊونرز ڪانفرنس مان رقم حاصل ڪرڻ جو پلان به آءِ ايم ايف کي ڏنو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو