حڪومت مشرف کي سزا خلاف فيصلي تي عمل ڪرائي،وڪيل

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي بار ايسوسيئيشن سنگين غداري ڪيس جي فيصلي بابت  حڪومتي رد عمل تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته حڪومت جوابدار خلاف عدالتي حڪمن تي عمل ڪرڻ بدران کيس بچائڻ ۾ مصروف آهي.  اٽارني جنرل، قانون واري وزير ۽ ٻين وزيرن کي سزا واري حڪم تي عمل ڪرائڻ گهرجي. ڊي جي آءِ ايس پي پاران جيڪو رد عمل ڏنو ويو آهي ته ڪاش اهڙو ئي رد عمل 12 مئي ۽ وڪيلن جي شهادت تي ڏنو وڃي ها. وڪيلن اهڙو اظهار ڇنڇر تي ڪراچي بار ايسوسيئيشن جي جنرل باڊي پاران  يڪراءُ طور ٺهراءُ منطور ڪندي ڏنو.  ٺهراءُ ۾ چيو ويو آهي ته ڊي جي آءِ ايس پي آر  پاران جيڪو رد عمل  ظاهر ويو آهي ته ڪاش اهڙو ئي رد عمل 12 مئي ۽ وڪيلن جي شهادت تي ڏنو وڃي ها. 12 مئي تي ڪراچي ۾ دهشتگردن هٿان بيگناهه قتل ٿيا ۽ ان ڏينهن ڊڪٽيٽر مُڪا ڏيکاري طاقت جو اظهار ڪيو هو. قرارداد ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته مُڪا ڏيکاري جوابدار قانون ۽ انسانيت جي توهين ڪئي هئي پر ان حوالي سان آءِ ايس پي آر ڪو به ردعمل نه ڏنو هو. هنن چيو ته پاڪستان جي عدليه پنهنجي ذميوارين کان ڊي جي آءِ ايس پي آر کان وڌيڪ واقف آهي. جنهن به عدالتي فيصلي کي پاڪستان لاءِ سازش قرار ڏنو آهي اها بدقسمتي آهي.  عدالت جي فيصلي تي جيڪڏهن ڪنهن کي اعتراض آهي ته اپيل جو رستو کليل آهي. قرارداد ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پرويز مشرف پنهنجو پاڻ کي قانون جي حوالي ڪري ۽ جيل مان اپيل داخل ڪري. قرارداد ۾ ڄاڻايو ويو  آهي ته حڪومت جي ذميواري آهي ته پرويز مشرف کي واپس آڻي.

پهنجو تبصرو موڪليو