اسين ٻيهر راولپنڊي اچون پيا، ڊڄڻ وارا ناهيون، بلاول

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته 18هين ترميم مطابق صوبن کي ان جا حق ڏنا وڃن پر موجوده حڪومت نه ٿي چاهي ته بلوچستان جي معدني وسيلن ۽ پاڪ چين اقتصادي راهداري (سي پيڪ) منصوبن سان صوبي جي پٺ تي پيل علائقن کي ڪو فائدو ملي. ڪوئيٽا ۾ پيپلزپارٽي جي ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي هن چيو ته اسان سنڌ جي معدني وسيلن کي قطب آڻي مقامي ماڻهن کي روزگار ڏنو. بلاول ڀٽو جو چوڻ هو ته موجوده سليڪٽيڊ حڪومت نه ٿي چاهي ته سي پيڪ سان بلوچستان جي عوام کي ترقيءَ جا موقعا ملي سگهن. چيئرمين پيپلزپارٽي جو چوڻ هو ته افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته 18هين ترميم تي ان جي روح مطابق عمل ناهي ٿي رهيو. هن چيو ته اسان ماضي ۾ بلوچستان لاءِ انقلابي قدم کنيا اڳوڻي صدر آصف علي زرداري پنهنجي ڪابينه کي پٺتي پيل علائقن جي ترقي لاءِ زور ڀريو هو پر بعد ۾ ڪجهه منصوبا عمل ۾ نه اچي سگهيا. بلاول ڀٽو چيو ته پيپلزپارٽي سنڌ جو ڪوئلو استعمال ڪري فيصل آباد جي توانائي پلانٽ کي هلائي رهي آهي صرف پيپلزپارٽي ئي بلوچستان ۾ معدني وسيلن کي قطب آڻي مقامي ماڻهن کي فائدو پهچائي سگهي ٿي. هن چيو ته پيپلزپارٽي جڏهن به حڪومت ڪئي آهي ته عوام جي مرضي ۽ عوام جي طاقت سان ڪئي آهي. ذوالفقار علي ڀٽو عوام کي فائدو پهچائڻ لاءِ سياست ڪئي. ان کان علاوهه هن جو چوڻ هو ته اسان کي نظر اچي رهيو آهي ته عوام کان طاقت ڇني ڪري هڪ سليڪٽيڊ ۽ سليڪٽر وٽ وڃي رهي آهي. بلاول ڀٽو چيو ته صرف عوام جي مرضي هلندي ڪنهن امپائر جي آڱر نه هلندي. هن چيو ته آخر پنڊي سان مسئلو ڇا آهي، شهيد ڀٽو جو لاش پنڊي مان آيو، بي بي کي پنڊي ۾ شهيد ڪيو ويو، زرداري صاحب کي پنڊي ۾ قيد ڪيو ويو. مان واضح طور چوان ٿو ته اسين ٻيهر پنڊي اچون پيا ۽ 27 آڪٽوبر تي بي بي شهيد جي ورسي لياقت باغ ۾ ملهائينداسين. هن وڌيڪ چيو ته سليڪٽڊ حڪومت سليڪٽرن کي خوش پئي ڪري عوام تي مهانگائي جو ٻوجهه وڌو ويو آهي. هي مونکي ڊيڄارڻ چاهن ٿا پر هنن کي ياد رکڻ گهرجي ته بي بي شهيد جو پٽ ڊڄڻ وارو ناهي.

پهنجو تبصرو موڪليو