حڪومتي رابطا ڪميٽي جو ايم ڪيو ايم وفد سان ملاقات جو فيصلو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) بلاول ڀٽو جي ايم ڪيو ايم کي وفاقي حڪومت ڪيرائڻ ۾ ساٿ ڏيڻ جي پيشڪش واري معاملي تي ايم ڪيو ايم پاڪستان جي قيادت 2 حصن ۾ تقسيم ٿي وئي آهي. جڏهن ته وفاقي حڪومت ايم ڪيو ايم سان ملاقات جو فيصلو ڪيو آهي. پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ايم ڪيو ايم کي حڪومت ڪيرائڻ ۾ ساٿ ڏيڻ جي پيشڪش جي معاملي ۾ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي قيادت 2 حصن ۾ تقسيم ٿي وئي آهي ذريعن مطابق هڪ گروپ بلاول ڀٽو جي پيشڪش تي سنجيدگي سان غور ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي ته ٻئي گروپ وفاقي حڪومت جو حصو بڻجي رهڻ تي اتفاق ڪيو آهي. ٻئي طرف ذريعن مطابق حڪومتي رابطه ڪميٽي ايم ڪيو ايم قيادت سان ملاقات جو فيصلو ڪيو آهي. حڪومتي وفد وزيراعظم جي هدايت تي هلندڙ هفتي ايم ڪيو ايم قيادت سان ملاقات ڪندو. حڪومتي وفد جهانگير ترين جي قيادت ۾ ملاقات ڪندو جنهن ۾ ايم ڪيو ايم جا تحفظات، مطالبا ۽ سنڌ جي مجموعي سياسي صورتحال تي ڳالهيون ٿينديون. ملاقات ۾ اتحادين وچ ۾ ورڪنگ رليشن شپ ۽ تحريري معاهدن تي غور ڪيو ويندو جڏهن ته ايم ڪيو ايم فنڊ جاري ڪرڻ، بلدياتي اختيارن جي واپسي، گم ۽ قيد ٿيل ڪارڪنن جي آزادي ۽ پارٽي آفيسون کولڻ وارن معاملن تي پڻ غور ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو