حڪومتي اپاءُ، اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ تيزي، ڊالر۽ سون جي اگهه ۾ڪمي

ڪراچي(رپورٽ اشتياق احمد) اربع ڏينهن حڪومتي مداخلت سبب جتي هڪ پاسي اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ بهتري نظر آئي ته ٻئي پاسي ڊالر جي پرواز ۽ سون جي اگهن ۾ گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته مشير خزانه جي هدايت تي رياستي ۽ سرڪاري ادارن شيئرز جي خريداري شروع ڪئي ته اسٽاڪ ماڪيٽ م تيزي آئي ۽ 1200 پوائنٽ انڊيڪس وڌي وئي. جڏهن ته ڊالر جي قدر ۾ هڪ روپيو گهٽتائي ٿي آهي ۽ سون جا اگهه تقريبن 800 روپيا گهٽ ٿيا آهن. هوڏانهن سعودي عرب پاران اوڌر تي تيل فراهم ڪرڻ جي منظوري بعد ڊالر تي دٻاءُ گهٽيو آهي. حفيظ شيخ ٽوئيٽ ۾ ٻڌايو آهي ته جولاءِ کان سعودي عرب هر مهيني ساڍا ستاويهه ڪروڙ ڊالر جو تيل موخر ادائگي تي فراهم ڪندو. حڪومتي ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته حڪومت مخالف جماعتن منصوبي هيٺ ڊالر جي خريداري ڪري بحران پيدا ڪرن جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ جلد حڪومت ان ڏس ۾ تفصيلي رپورٽ پيش ڪندي. ياد رهي ته پرويز مشرف جي دور ۾ جڏهن اسٽاڪ مارڪيٽ ڪريش ڪيو هو ته ان وقت شوڪت عزيز رياستي ۽ سرڪاري ادارن معرفت شيئرز خريد ڪيا هئا ۽ انهن ادارن جا اربين روپيا ٻڏي ويا هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو