حيدرآباد ڪورونا ڪيس واڌ سبب،لاڪ ڊائون جي تجويز

حيدرآباد (ن سنڌيار) حيدرآباد ۾ ڪورونا وائرس جا 176 ڪيس سامهون آيا آهن جنهن کان پوءِ شهر ۾ فعال ڪورونا ڪيسز جو انگ 1100 کان مٿي ٿي ويو آهي. جڏهن ته ڪيسز ۾ واڌ جي شرح 15 سيڪڙو رهجي وئي آهي.ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد فواد سومرو ٻڌايو ته حيدرآباد ۾ ڪورونا وائرس جي نئين قسم برطانيه مان آئي آهي. هي ڪورونا وائرس جي نئين قسم آهي ان جي لاءِ لمس جي پروفيسر ڊاڪٽر اڪرام اجن چيو آهي ته هو ان حوالي سان آگاهه ڪندو.ٻئي طرف ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ڊاڪٽر لالا جعفر پٺاڻ صحافين سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته حيدرآباد ۾ ڪورونا ڪيسز ۾ واڌ ڳڻتي جوڳي آهي. ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد ۾ به لاڪ ڊائون لڳائڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي آهي.هن جو چوڻ آهي ته جهڙي طرح شهري ايس او پيز تي عمل ناهن ڪري رهيا ان سان ڪيسز ۾ وڌيڪ اضافي جو امڪان آهي. لياقت يونيورسٽي جا وارڊ ڪورونا وائرس جي مريضن سان ڀرجي ويا آهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو