حيدرآباد جي لڳاتار ٽئين فتح، پنڊيز کي 5 وڪيٽن تان شڪست

حيدرآباد جي لڳاتار ٽئين فتح، پنڊيز کي 5 وڪيٽن تان شڪست

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) 122 رنز جي بظاهر آسان ٽارگيٽ لاءِ حيدرآباد جي بيٽنگ به ابتدا کان مشڪل جو شڪار رهي. پاور پلي ۾ 3 ٽاپ وڪيٽون ڪري پيون. ٻنهي ٽيمن لاءِ هي پچ بيٽنگ لاءِ مشڪل لڳي رهي هئي. معاذ صداقت 4، صائم ايوب 15 ۽ عثمان خان زيرو تي آئوٽ ٿي ويا. مارڪس لبوشين ۽ ڪسال پريرا اسڪو اڳتي وڌايو پر لبوشين 32 رنز ٺاهي سعد مسعود هٿان ايل بي ڊبليو ٿيو، امپائر آئوٽ نه ڏنو پر رويو ۾ آئوٽ ٿيو. گلين ميڪسويل کي زيرو تي بين سيئرز بولڊ ڪيو، 10 اوورن ۾ 70 تي حيدرآباد جا 5 ائوٽ ٿي چڪا هئا. ان بعد ڪسال پريرا ۽ عرفان خان نيازي جي پارتنرشپ لڳي ۽ 16.3 اوورن ۾ 123 رنز ٺاهي حيدرآباد کي لڳاتار ٽئين ميچ کٽرائي.  45 بالن تي 54 رنز ٺهيون ٻنهي جي پارتنرشپ ۾، پريرا 33، ۽ نيازي 34 رنز ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيا. چوڪو هڻي وننگ اسٽروڪ کيڏيو. حيدرآباد جي حنين شاهه 4 اوورن ۾ 18 رنز ڏئي 3 وڪيٽون ورتيون ۽ پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.  ان کان اڳ پنڊيز جي ٽيم 20 اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 121 رنز ٺاهي سگهي. سيم بلنگز 26 ۽ ياسر خان 24 رنز ٺاهي نمايا رهيا. پي ايس ايل جو 24 هون ميچ اڄ حيدرآباد ڪنگزمين ۽ پنڊيز ۾ کيڏيو پيو وڃي. حيدرآباد ٽااس کٽي بالنگ جو فيصلو ڪيو آهي. رضوان جي ٽيم جي بيٽنگ جاري آهي. اڄ ٻيو ميچ شام 7 وڳي ڪراچي ڪنگز ۽ اسلام آباد يونائيٽيڊ ۾ کيڏيو ويندو. محمد رضوان ۽ عثمان خواجا اننگ شروع ڪئي. ٽيم جو اسڪور 11 ٿيو ته ٽئين اوور جي ٻئي بال تي عثمان خواجا، جنهن پنج بالن تي 2 رنس ٺاهيون هيون ته گلين ميڪسويل کيس بولڊ ڪري ڇڏيو. جنهن بعد محمد رضون به 16 بالن تي 15 رنز ٺاهي محمد علي جي اندر آيل بال تي بولڊ ٿي ويو. جنهن بعد ڊيرل مچل کي زيرو تي حنين شاهه ڪيپر هٿان ڪيچ ڪرايو. پنڊيز جا 23 تي 3 بيتر آئوٽ ٿي ويا. عبد الله فضل 11، مبصر خان 11، آصف آفريدي 15، محمد عامر 2 رنز تي ناٽ آئوٽ رهيو.

پهنجو تبصرو موڪليو