حماس جو قاهره ڳالهين ۾ وفد نه موڪلڻ جو اعلان

حماس جو قاهره ڳالهين ۾ وفد نه موڪلڻ جو اعلان

غزهه (ويب ڊيسڪ)فلسطيني مزاحمتي تنظيم حماس اعلان ڪيو آهي ته هو قاهره ڳالهين ۾ شرڪت لاءِ وفد نه موڪليندي،حماس نيوز ايجنسي جو چوڻ آهي ته 2 جولاءِ تي ٿيل معاهدي تي عملدرآمد کي يقيني بڻايو وڃي، اسرائيل تي دٻاءُ وڌو وڃي،حماس جو چوڻ هو ته ڳالهين ڪندڙن کي جو بائيڊن جي جنگبندي واري ويزن ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قرارداد جي روشني ۾ 2 جولاءِ جي ڳالهين دوران اتفاق ڪيل نقطن تي عمل ڪرڻ لاءِ پنهنجو منصوبو پيش ڪرڻ گهرجي.پنهنجي بيان ۾ حماس چيو آهي ته ڳالهين جي وڌيڪ مدت تي اصرار ڪرڻ بدران، ڳالهين دوران اتفاق ڪيل نقطن تي عمل ڪرڻ لاءِ اسرائيل تي دٻاءُ وجهڻ گهرجي، اسرائيل کي نئين تجويزن سان اسان جي عوام جي قتل عام جو عذر پيش ڪرڻ گهرجي،گذريل هفتي، آمريڪا، مصر ۽ قطر اسرائيل ۽ حماس کي 15 آگسٽ تي قاهره ۾ جنگبندي ۽ يرغمالين جي آزادي لاءِ ڳالهين جي نئين دور جي دعوت ڏني هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو