اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سپريم ڪورٽ جي سينيئر ترين جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيف جسٽس آف پاڪستان عمر عطا بنديال کي سلام نه ڪرڻ بابت سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ وڊيو تي وضاحتي بيان جاري ڪري ڇڏيو آهي.جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پنهنجي بيان ۾ چيو ته وفاقي شرعي عدالت جي چيف جسٽس جي حلف برداري واري تقريب دوران شرعي عدالت جي چيف جسٽس جي زال وٽ ويو ۽ کيس مبارڪباد ڏني، ان کان اڳ چيف جسٽس شرعي عدالت سان ملاقات ڪئي. جسٽس اقبال حميد الرحمان سان چيف جسٽس آف پاڪستان ملاقات ڪئي، چيف جسٽس شرعي عدالت جي حلف برداري واري تقريب ۾ چيف جسٽس آف پاڪستان کي سلامي ڪيو،هن چيو ته وڊيو ٺاهي ڪنهن غلط تاثر ڏنو ته مان چيف جسٽس آف پاڪستان عمر عطا بنديال کي سلام ناهي ڪيو، ميڊيا ۾ غلط تشريحون سامهون آيون، غلط خبرون نه پکيڙيون وڃن ڇو ته اهڙيون غير ضروري غلط فهمي نقصان جو سبب بڻجندي آهي.جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته ماضيءَ ۾ مون کي ۽ منهنجي خاندان کي جيڪا تڪليف پهتي آهي، ان کي چڱي ريت سمجهه ۾ اچي ٿو،هن چيو ته اها ڳالهه سراسر غلط آهي ته مون سپريم ڪورٽ ۾ الڳ گروپ ٺاهيو آهي، قرآن پاڪ ۾ هڪ آيت آهي ته خبرون پکيڙڻ کان اڳ ان جي صداقت جي جاچ ڪريو ته جيئن اڻ ڄاڻائيءَ ۾ ڪنهن کي نقصان نه پهچي.هن وڌيڪ چيو ته هو آئين جي حفاظت ۽ دفاع لاءِ پنهنجي حلف جو پابند آهي، هو پنهنجي حلف جي خلاف ڪنهن به ڳالهه جي حمايت نٿو ڪري سگهي، حقيقتن کي مسخ ڪري تڪراري بيان ڏيڻ اداري لاءِ نقصانڪار آهي.
