واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)فلسطيني-آمريڪي ماڊل گيگي حديد کي ڏنڊ لڳايو ويو ۽ منشيات جي گرفتاري کانپوءِ آزاد ڪيو ويو.پرڏيهي ميڊيا موجب 28 ورهين جو گيگي حديد 10 جولاءِ تي پنهنجي دوست سان گڏ هڪ خانگي جهاز ذريعي ڪيمن آئلينڊ پهتو، جتي ايئرپورٽ تي تلاشي دوران وٽس منشيات هٿ ڪئي وئي.رپورٽن مطابق ڪسٽم عملدارن گيگي حديد ۽ سندس ساٿي جي سامان مان مبينا طور تي منشيات ۽ سامان هٿ ڪيو.پرڏيهي ميڊيا موجب تلاشي کانپوءِ ٻنهي ڄڻن کي حراست ۾ ورتو ويو، جنهن بعد کين ضمانت تي آزاد ڪيو ويو.رپورٽن مطابق ٻنهي ڄڻن جي قبضي مان مليل منشيات جو مقدار تمام گهٽ هو.پرڏيهي ميڊيا موجب 12 جولاءِ تي جي جي حديد ۽ سندس ساٿي عدالت ۾ پيش ٿيا جتي مٿن فرد جرم لاڳو ڪيو ويو.رپورٽن مطابق، ٻنهي شخصيتن کي سزا نه ڏني وئي، پر 1,000 ڊالر ڏنڊ لڳايو ويو.
