راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان جي ايڇ ڪيو آڏو احتجاج جي سڏ جو اعتراف ڪري ورتو آهي.اڊيالا جيل ۾ صحافين سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته 14 مارچ تي زمان پارڪ ۾ پوليس ۽ رينجرز منهنجي گهر تي حملو ڪيو. منهنجي وڪيلن يقين ڏياريو هو ته جاچ ۾ ملوث ٿي گرفتار ڪنداسين. عمران خان چيو ته 18 مارچ تي پوليس جوڊيشل ڪمپليڪس ۾ مون تي حملو ڪيو، جڊيشل ڪمپليڪس جي اندر ۽ ٻاهر شيلنگ ڪئي وئي.پي ٽي آءِ جي باني چيو ته مون کي خبر هئي ته مون کي گرفتار ڪيو ويندو، گرفتاري کان اڳ جي ايڇ ڪيو آڏو پرامن احتجاج جو سڏ ڏنو هو.










