جيڪب آباد زمينن تي قبضا، عدالت جي ڀوتارن کي ڇنڊ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ جيڪب آباد ۾ سرڪاري زمين تي قبضي واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ وڏي وزير جي صلاحڪار اعجاز جکراڻي، اسلم ابڙو، ممتاز جکراڻي ۽ ٻيا پيش ٿيا. عدالت سرڪاري زمين تي هوٽل ، جانورن جي اسپتال تي نجي اسڪول ۽ بنگلي جي تعمير بابت دستاويزن جو جائزو وٺڻ جو حڪم ڏنو. ڪمشنر لاڙڪاڻو ، ڊپٽي ڪمشنر جيڪب آباد ۽ ڊي پي او انهن ملڪيتن جو جائزو وٺي ايندڙ ٻڌڻي تي رپورٽ پيش ڪندا. ٻڌڻي دوران ڊي پي او جيڪب آباد جي حاضر نه ٿيڻ تي عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. چيف جسٽس ممتاز جکراڻي کان پڇا ڪئي ته جيڪب آباد جي زمين توهان جي جاگير آهي ڇا؟ ممتاز جکراڻي چيو ته مون زمين خريد ڪئي آهي. چيف جسٽس چيو ته سڄي زمين خالي ڪيو، وڃو جنهن کان توهان خريد ڪئي آهي ان کان پيسا وٺو. عدالت سيشن ڪورٽ روڊ تي حرمين هوٽل کي مسمار ڪرڻ جو حڪم ڏنو . گرلز اسڪول سميت سموري سرڪاري زمين آزاد ڪرائڻ جو حڪم پڻ ڏنو ويو. عدالت جانورن جي اسپتال کي بحال ڪرڻ جو پڻ حڪم ڏنو. ان موقعي تي اسلم ابڙو جيڪو ان هوٽل جو مالڪ آهي، تنهن چيو ته مونکي به ٻڌو وڃي منهنجي ذاتي زمين آهي، جنهن تي عدالت چيو ته ڪمشنر پاڻ دستاويز جو جائزو وٺندو ۽ فيصلو ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو