جوهي ننڍي چونڊ ِسر تي، ڌريون ٻڏتر جو شڪار، ورڪ شروع نه ٿي

جوهي(ايم بي ٻٻر) جوهي جي پي ايس 86 تي ننڍي چونڊ ۾ 25 ڏينهن رهجي وڃڻ باوجود سياسي سرگرمين ۾ ماٺار ڇانيل، اميدوارن اڃا تائين ورڪ به شروع نه ڪئي، مخالف ڌر پنهنجا اڃا پتا شو نه ڪيا، پ پ اميدوار صالح شاهه خلاف  پي ٽي آءِ پنهنجي اميدوار جو حتمي فيصلو نه ڪري سگهي، پ پ ايم اين اي رفيق جمالي جي ڀاءُ جي گرفتاري سبب  حڪمران ڌر جي ڪئمپ ۾ به خاموشي. گذريل مهيني جوهي مان چونڊيل پ پ  ايم پي اي غلام شاهه جيلاني جي لاڏاڻي بعد سندس خالي ٿيل سيٽ تي  7 نومبر تي پي ايس 86 تي ٿيندڙ ضمني چونڊ ۾ 25 ڏينهن رهجي وڃڻ باوجود اڃا تڪ ۾ سياسي سرگرميون شروع نه ٿي سگهيون آهن. اڃا تائين پ پ توڙي مخالف اميدوار جوهي پهچي ووٽن لاءِ  ورڪ ناهي ڪئي. ان ڏس ۾ معلوم ٿيو آهي ته پ پ اميدوار صالح شاهه پنهنجي والد جي 19 آڪٽوبر تي ٿيندڙ چاليهي بعد سياسي سرگرميون شروع ڪندو، جڏهن ته جتوئي ڀائر ضمني اليڪشن دوران پنهنجي پراڻي اتحادي ۽ لغاري برادري جي سردار اڳوڻي تعلقي ناظم ڊاڪٽر بنده علي لغاري جي پ پ ۾ شموليت بعد اڃا تائين سياسي طور ماٺ آهن، پي ٽي آءِ ۾ شامل لياقت جتوئي ۽ سندس ڀائر مرڪز ۾  پارٽي جي حڪومت باوجود کين نظرانداز ڪرڻ سبب پارٽي قيادت کان “خاموش ناراضگي” جي  امتحان ۾ پئجي ويا آهن ته ڪريم علي جتوئي کي  پي ٽي آءِ جي ٽڪيٽ تي پي ايس 86 تي اليڪشن ۾ بيهارين لاءِ پي ٽي آءِ قيادت سان رابطو ڪن؟  يا عوامي اتحاد يا آزاد اميدوار طور جوهي جي ضمني چونڊ ۾ پ پ اميدوار جو مقابلو ڪجي؟.  لياقت علي جتوئي جي پٽ ۽ پي ٽي آءِ ضلعي دادو جي صدر ڪريم علي جتوئي کانسواءِ سندس ٻين حامين عاشق زئنور، ظفر علي شاهه، امداد لغاري ۽ عاشق رودناڻي به پي ايس 86 تي فارم ڀرايا آهن. جڏهن ته پي ٽي آءِ سان واسطو رکندڙ  مير منظور پنهور جي ڀائٽيي شجاع الله پنهور به پي ايس 86 تي اميدوار آهي. ايس يو پي جي غلام قادر لغاري ۽ آزاد اميدوار عرفان رستماڻي سميت اڃا تائين ڪنهن به اميدوار باضابطا طور ورڪ شروع ناهي ڪئي.  حڪمران ۽ مخالف ڌر جي اميدوارن پاران فارم بحال ٿيڻ باوجود سياسي سرگرميون شروع نه ڪرڻ سبب اليڪشن جو ماحول ماٺار جو شڪار آهي. پ پ توڙي پي ٽي آءِ جا ورڪرن ۾ به اڃا تائين اليڪشن وارو جوش جذبو نظر نه پيو اچي، پي ٽي اڳواڻ ان سلسلي ۾ چون پيا ته 17 آڪٽوبر تي ٽڪيٽ ملڻ بعد ڪريم علي جتوئي جوهي سميت تڪ ۾ سياسي سرگرميون شروع ڪندو. ٻي طرف گذريل ڏينهن پ پ ايم اين اي ۽ پارٽي جي ضلعي صدر رفيق احمد جمالي جي ڀاءُ جي سيپڪو ملازمن تي تشدد واري ڪيس ۾ نوشهرو فيروز جي  دهشتگردي ٽوڙ عدالت پاران سندس ضمانت رد ڪري کيس 7 ڏينهن جي رمانڊ تي سينٽرل جيل دادو موڪلڻ بعد ايم اين اي رفيق احمد جمالي به امڪان آهي ته ڪجهه ڏينهن لاءِ سياسي طور سرگرم نه رهي. هوڏانهن  وڏي وقت کان جوهي سميت دادو ضلعي ۾ مخالف ڌر سان واسطو رکندڙ لياقت جتوئي ۽ سندس ڀائرن جي سياسي خاموشي به علائقي ۾ سواليا نشان بڻجي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو