جولاءِ ۾ اوورسيز پاران موڪليل رقم ۾ 48 سيڪڙو اضافو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)جولاءِ دوران اوورسيز پاڪستانين جي موڪليل رقم 48 سيڪڙو وڌي 2.995 بلين ڊالر ٿي وئي.رپورٽ ۾ اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان پاران جاري ڪيل انگن اکرن جي حوالي سان ٻڌايو ويو ته جولاءِ 2024ع ۾ 2 ارب 99 ڪروڙ 50 لک ڊالرن جي رقم موڪلي وئي، جيڪا گذريل سال جولاءِ ۾ 2 ارب 29 ڪروڙ ڊالر هئي ماهرن جو چوڻ آهي ته سياسي ۽ معاشي غير يقيني واري دور ۾ ترسيل رقم ۾ واڌ هڪ مثبت نشاني آهي. جڏهن ته، سال جي بنياد تي ترسيل ۾ واڌ جي باوجود، موڪلن ۾ مهيني جي ڀيٽ ۾ گهٽتائي آئي، مرڪزي بينڪ جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته اوورسيز پاڪستانين جون 3.158 بلين ڊالر جي ڀيٽ ۾ جولاء ۾ 153.3 ملين ڊالر يا 5 سيڪڙو گهٽ رقم موڪلي .مالي سال 2024 دوران پاڪستان کي 30.20 بلين ڊالرن جون ترسيلون موصول ٿيون، جيڪي مالي سال 2023 جي 27.33 بلين ڊالرن جي ڀيٽ ۾ 11 سيڪڙو وڌيڪ آهن.بهرحال، ڪرنسي جي ماهرن خبردار ڪيو آهي ته هن سال برآمدات ۾ گهٽتائي سبب ترسيلون اهم هونديون.

پهنجو تبصرو موڪليو