جوابدار نٿا چاهين ته ڪيس هلي، اسان ڀڄڻ وارا ناهيون: ام رباب

جوابدار نٿا چاهين ته ڪيس هلي، اسان ڀڄڻ وارا ناهيون: ام رباب

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ لاڙڪاڻو جي سرڪٽ بئنچ ۾ ميهڙ واقعي ڪيس جي جوابدارن جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي،عدالت سڪندر چانڊيو ۽ ذوالفقار چانڊيو جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي 17آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي،عدالت ٻاهران ام رباب چانڊيو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته جوابدار نٿا چاهين ته ڪيس هلي، سندن وڪيل درخواست ڏني ته کين تياري لاءِ نئين تاريخ ڏني وڃي،ام رباب چانڊيو جو چوڻ هو ته جوابدارن کي جيترو ڀڄڻو آهي ڀڄن، پر اسان ڀڄڻ وارا ناهيون، عدالتن مان انصاف جي اميد آهي،هن چيو ته پهريان به چيو هو ته اسان جي زندگين کي خطرو آهي، عدالت سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ جو چيو هو، اسان کي عدالتن مان اميد آهي، انشاءُ الله اسان کي انصاف ضرور ملندو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو