جوابدارن جي گرفتاري لاءِ خاصخيلي ۽ مري اتحاد جو احتجاج

ڀرياسٽي (مجيد ڪيريو) چار خونن ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ خاصخيلي ۽ مري اتحاد پاران پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاهرين 4 ڪلاڪ نٽهڻ اس ۾ ڌرڻو هنيو. هنن ميڊيا کي ٻڌايو ته قاتل سرعام گهمي رهيا آهن جيڪي ڪيسن تان هٿ کڻڻ لاءِ موت مار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، پوليس قاتلن سان ٻٽ بڻيل آهي، قاتل گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي. هنن ٻڌايو ته هڪ ميهنو اڳ لاکاروڊ ڀرسان 10 مسلح هٿيار بندن حملو ڪري غلام شبير خاصخيلي کي بيدردي سان قتل ۽ ٻن ڄڻن کي گوليون هڻي زخمي ڪري فرارٿي ويا هئا. خاصخيلي اتحاد ۽ مري اتحاد پاران سوين ڳوٺاڻن سرائي نياز حسين خاصخيلي ۽ فتح محمد مري جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو. هنن ڊي آءِ جي شهيد بينظير آباد  ايس ايس پي نوشهروفيروز سميت ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته ايس ايڇ او لاکاروڊ کي فورن هٽائي ڪنهن ايماندار آفيسر کي مقرر ڪريو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو