جماعت اسلامي پاران 7 آگسٽ تي روڊ بند ڪرڻ جو اعلان

جماعت اسلامي پاران 7 آگسٽ تي روڊ بند ڪرڻ جو اعلان

لاهور: (ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي مهانگائي، پيٽروليم شين جي وڌندڙ قيمتن ۽ انهي تي لاڳو ليوي جي خلاف تحريڪ هلائڻ ۽ 7 آگسٽ تي سموري ملڪ جا روڊ بند ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.لاهور ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو ته پيٽروليم شين تي ليوي جو اوگرا سان ڪهڙو تعلق آهي؟ شاگرد جي آمدني تي ٽيڪس لاڳو ناهي ٿيندو، انهي کان به پيٽروليم ليوي ورتي پئي وڃي. پوري قوم پريشانين جو شڪار آهي جنگ کي بهانو بنائي پيٽروليم شين جون قيمتون وڌايون پيون وڃن.حافظ نعيم چيو ته حڪومت ڀته ليوي لڳائي رهي آهي، اهو جگا ٽيڪس آهي، انهي کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نٿو ڪري سگهجي، سڀني کي ٻڌائينداسين ته حڪمران طبقو ڪيئن عوام جي پئسن تي ڌاڙو هڻي رهيو آهي، اسان سڀني سان رابطو ڪنداسين ۽ سڀني کي هڪ پيج تي آڻينداسين. هن چيو ته ڪوڙ ڳالهائي عوام جي کيسن تي ڌاڙو هنيو پيو وڃي، ليوي مان 18 سئو ارب روپيه جمع ڪيا پيا وڃن، پيٽرول ليوي ۽ ناجائز ٽيڪس ختم ڪيا وڃن ته پيٽرول جي قيمت 200 روپين کان به گهٽ ٿي ويندي. حافظ نعيم چيو ته 7 آگسٽ تي سموري پاڪستان جي روڊن کي بند ڪنداسين، صرف ايمبولينس کي رستو ڏينداسين.هن چيو ته شهباز شريف ٻڌائي ليوي سميت ٻين ٽيڪسن جو جنگ سان ڪهڙو تعلق آهي؟ جيڪڏهن ٽيڪس ختم ڪيا وڃن ته پيٽرول جي قيمت 200 روپين کان به گهٽ ٿي ويندي، هاڻ نئون ڪم اهو شروع ڪيو ويو ته پيٽروليم قيمتون روزاني جي بنياد تي مقرر ڪيون پيون وڃن اهو اختيار حڪومت اوگرا کي ڏئي ڇڏيو آهي.انهي موقعي تي حافظ نعيم پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ اضافي خلاف 7 آگسٽ تي سموري ملڪ جا روڊ بند ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو ته انهي سلسلي ۾ پهريان ڪارنر گڏجاڻيون ۽ ڌرڻا هنيا ويندا پوءِ 7 آگسٽ تي صوبائي راڄڌانين ۾ اهم روڊ بند ڪيا ويندا هن چيو ته اهو احتجاج پرامن هوندو جيڪڏهن حڪومت احتجاج روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ته حالتون حڪومت مخالف تحريڪ طرف وڌي سگهن ٿيون. انهي احتجاج ۾ سموري مڪتب فڪر، واپاري، صنعتڪار، وڪيل، شاگرد، عالم ۽ نوجوانن کي شريڪ ڪيو ويندو. هن چيو ته چئني صوبن ۽ ضلعي هيڊ ڪوارٽرز ۾ اهم روڊن تي احتجاج ڪيو ويندو.جماعت اسلامي جي امير چيو ته قانون موجب پيٽروليم ليوي جو اوگرا سان ڪوبه تعلق نه آهي. حڪومت پيٽروليم ليوي جي مد ۾ ساليانو تقريبن 1800 ارب روپيه وصول ڪري رهي آهي انهي جو بار موسٽرسائيڪل سوارن، مزدورن ۽ وچولي طبقي تي وڌو پيو وڃي. جيڪي ماڻهو ٽيڪس نيٽ ۾ شامل نه آهن انهن کان به ٽيڪس ورتو پيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو