جسٽس نعيم اختر افغان کي سپريم ڪورٽ جو جج بڻائڻ جي منظوري

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)جڊيشل ڪميشن بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس نعيم اختر افغان جي نالي جي سپريم ڪورٽ جو جج مقرر جي منظوري ڏئي ڇڏي، سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ ججن جي مقرري واري معاملي تي جڊيشل ڪميشن جو اجلاس ٿيو.چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي صدارت هيٺ جڊيشل ڪميشن جو اجلاس ٿيو.جڊيشل ڪميشن جسٽس شهزاد احمد ملڪ کي لاهور هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس بڻائڻ جي به اتفاق راءِ سان منظوري ڏئي ڇڏي.جڊيشل ڪميشن ٻنهي نالن جي منظوري ڏيندي معاملو پارلياماني ڪميٽي حوالي ڪري ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو