جسٽس نعمت الله وقتي چيف جسٽس طور حلف کڻي ورتو

جسٽس نعمت الله وقتي چيف جسٽس طور حلف کڻي ورتو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي سينيئر جج جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو وقتي چيف جسٽس طور حلف کڻي ورتو.سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري وقتي چيف جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو کان حلف ورتو.حلف برداري واري تقريب ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ججن، سينيئر وڪيلن ۽ ٻين شرڪت ڪئي.واضح رهي ته چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ جسٽس محمد شفيع صديقي 9 جنوري تائين موڪل تي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو