جسٽس فائز خلاف بينچ کان 3 جج الڳ ڪرڻ جي درخواست خارج

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خلاف صدارتي ريفرنس جي معاملي تي لارجر بينچ کان 3 ججن کي الڳ ڪرڻ جي درخواست خارج ڪئي وئي. چيف جسٽس آف پاڪستان گلزار احمد وڪيل ڪرنل ريٽائرڊ انعام الرحيم جي رجسٽرار جي آرڊر خلاف اپيل جي ان چيمبر ٻڌڻي ڪئي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خلاف ريفرنس جي ٻڌڻي ڪندڙ لاجر بينچ کان جسٽس عمر عطاءَ بنديال، جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس منظور ملڪ کي الڳ ڪيو وڃي. ڪرنل (ر) انعام الرحيم ٻڌڻي دوران عدالت ۾ پيش نه ٿيو. سپريم ڪورٽ عدم پيروي جي بنياد تي اپيل خارج ڪري ڇڏي. واضح رهي ته ڪرنل ريٽائرڊ انعام الرحيم 16 ڊسمبر کان لاپتا آهي. ان جي گهر وارن جو چوڻ آهي ته ان کي راولپنڊي جي رهائشگاهه کان اغوا ڪيو ويو آهي. ايڊووڪيٽ انعام الرحيم جي بازيابي جو ڪيس هاءِ ڪورٽ راولپنڊي بينچ ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي ۽ گهروارن ان جي اغوا جو ڪيس به داخل ڪري رکيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو