جاويد لطيف جي ضمانت واري درخواست رد ،گرفتار

لاهور (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ)ن) جو اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي ميمبر جاويد لطيف کي عبوري ضمانت واري درخواست رد ٿيڻ کان پوءِ گرفتار ڪيو ويو آهي.لاهور جي سيشن ڪورٽ چڙ ڏياريندڙ تقرير ڪرڻ جي معاملي ۾ جاويد لطيف جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. سرڪاري وڪيل موقف اختيار ڪيو ته جاويد لطيف جو تڪراري بيان پنهنجي اڳواڻ جي محبت ۾ حدن کان مٿانهون آهي. جاويد لطيف جي ڪيس ۾ لڳايل قلم ضمانت جوڳا نه آهن.هن مرحلي تي جاويد لطيف جي ضمانت نه ٿيڻ گهرجي. عدالت ڌرين جا موقف ٻڌڻ کان پوءِ جاويد لطيف جي عبوري ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي جنهن کان پوءِ پوليس(ن) ليگي اڳواڻ کي گرفتار ڪري ورتو. پنهنجي گرفتاري کان اڳ جاويد لطيف وڊيو بيان جاري ڪيو آهي جنهن ۾ هن چيو ته اهو آهي پاڪستان جنهن ۾ اوهان دهشتگردن کي ته ڇڏي ٿا ڏيو پر خرابين جي نشاندهي ڪندڙن کي غدار چيو ويندو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو