سنڌ ۽ بلوچستان ۾ برسات ۽ وڄ ڪرڻ سبب 11 زخمي

ڪراچي(نمائندن وٽان) سنڌ ۽ بلوچستان جي ڪجهه علائقن ۾ تيز هوا ۽ ڳڙي سان برسات سبب سردي ۾ اضافو ٿي ويو آهي. جهل مگسي ۾ وڄ ڪرڻ سبب ڳئون مري وئي هڪ شخص زخمي ٿي پيو آهي، گهوٽڪي ۾ هوٽل جي ڇت ڪرڻ سبب 10 ڄڻا زخمي ٿيا آهن. سکر ۽ گهوٽڪي ۾ سڙڪن تي پاڻي جا تلاءَ بڻجي ويا آهن. رينجرز آفيس آڏو وڻ ڪري پيا روڊ بند ٿي ويو. ڪاڇي ۾ به گجگوڙ سان برسات سبب موسم ٿڌي ٿي وئي آهي. ***گهوٽڪي مان سليم فضل ڪلهوڙو موجب تيز هوا ۽ ڳڙي سان برسات سبب باءِ پاس جي هڪ هوٽل جي ڇِت ڪرڻ سبب ويٺل ماڻهون دٻجي ويا، 10 کا وڌيڪ زخمي، معجزاڻي طور تي بچي ويا، علائقي واسين ترت ڪاروايون ڪري کين اسپتال پھچايو، مختلف اسپتالن ۾ ميڊيڪل  ڪئمپن ۾ ايمرجنسي هيٺ سندن علاج ڪيو پيو وڃي. سبحانﷲ هوٽل جي ڇت برسات دوران ڌماڪي سان ڪري پئي، 10 زخمين مان 5 ڄڻا شديد زخمي ٻڌايا پيا وڃن. جن مان اصغر علي گهوٽو، اختر علي گهوٽو، خدا بخش چاچڙ، عبدالرشيد سنگهڙ، ستار آرائين، کي گهوٽڪي سول اسپتال پهچايو ويو . ڪجهه زخمين کي فرسٽ ايڊ ڏيڻ کانپوءِ گهر روانو ڪيو ويو، واضع رهي ته تيز ترين هوا ۽ برف جي ڳڙي سان بارش فصلن کي به نقصان رسايو آهي ته ٻئي طرف گهوٽڪي رينجرس آفيس جي سڏ پنڌ تي مين روڊ تي  وڏا نم ۽ ڪوني جا وڻ ڪري پيا آهن جنهن سبب ٽريفڪ کي اچ وڃ ۾ پريشاني ٿئي پئي. رستي کي صاف ڪرڻ جي لاءِ ڀيا برادري جا نوجوان پنهنجي مدد پاڻ تحت وڻن جي ڪٽائي ڪري رستو صاف ڪري رهيا اهن ۽ روڊ رستا تلاءَ جو ڏيک ڏئي رهيا آهن.***ڊرگھه بالا مان ايم اسماعيل لانگاھ موجب ڪاڇي جي مختلف شھرن ۽ ڳوٺن ۾ تيز طوفان۽  گجگوڙ سان زبردست برسات جاري برسات ۽ تيز ھوائن  جي ڪري ٿڌ ۾ زبردست اضافو گرمي جو زور ٽٽي ويو ڪاڇي واسين ۾ خوشي جي لھر ڇائنجي وئي آهي.*** قبوسعيدخان مان خادم حسين جاگيراڻي موجب بلوچستان جي  ضلع جهل مگسي ۾ گجگوڙ سان تيز برسات پئي آهي.

جهل مگسي ۾ وڄ ڪرڻ سبب ڳئون مري وئي همراهه زخمي

ڳوٺ حاجي علي مردان مگسي ۾ وڄ ڪرڻ جي سبب هڪ ڳئون مري وئي جڏھن ته غلام عباس ولد خادم  شمباڻي سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي مائٽ زخمي حالت ۾ شھداڪوٽ سول اسپتال کڻائي آيا آهن. *** سکر ۾ اوچتو تيز هوائن سان طوفاني برسات روڊن کي تلاءُ بڻائي ڇڏيو آهي. سکر ۽ روهڙي جي ڪيترن ئي گهرن ۾ پاڻي داخل ٿي ويو آھي. برسات شروع ٿيندي ئي بجلي بند ٿي وئي آهي. *** ڪنڌ ڪوٽ مان غالب بلوچ موجب ڪشمور ضلي جي مختلف شهرن ۽ ڳوٺن جي ڀرپاسي واري علائقن ۾ تيز ھوا سان گڏ طوفاني بارش ٿي جيڪا مسلسل ٽي ڪلاڪ جاري رھي روڊن ۽  رستن تي ھڪ فٽ تائين پاڻي بيهجي ويو ۽ پاڻي ڪيترن ئي گهرن ۾ داخل ٿي ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو