تيز رفتار بس ڪلٽي 2 مسافر فوت 10 زخمي

میرپورماٿيلو(ظھير وسير) ڪوري کوھ ويجهو نيشنل ھا وي تي تيز رفتار مسافر بس  مزدا کي بچائيندي ڪلٽي ٿي پئي جنهن جي نتيجي ۾ ٻه مسافر فوت ۽ ڏھ ڄڻا زخمي ٿي پيا. رحيميار خان کان سکر ويندڙ بس جي فوت ٿيل مسافرن ۾ سلطان جتوئي ۽ جان محمد ڪورائي شامل آهن. جڏهن ته يعقوب، يارمحمد، محمد شريف، ظفرعلي، حنيف، حماد الله ۽ وسایو سميت ڏھ ڄڻا زخمي ٿي پيا. زخمين کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو. جن مان ٽن ڄڻن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ رحيميار خان ریفر ڪيو ويو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو