ترقياتي ڪمن ۾ ڪوتاهي برداشت نه ڪبي، ڊي سي

خيرپور(سجاد علي ڪٻر)ڊپٽي ڪمشنر راجا طارق چانڊيو نارا پهتو، مختلف ترقياتي اسڪيمن جو دورو ڪري لاڳاپيل عملدارن کي هدايتون جاري ڪيون. هن ميڊيڪل ڪمپليڪس چونڊڪو، رورل هيلٿ سينٽر چونڊڪو، ليبر کاتي پاران تعمير ٿيندڙ ليبر اسپتال، آر او پلانٽ سرائي مڪان، واٽر سپلائي اسڪيم ۽ ڪوٽڏجي کان نارا ويندڙ روڊ جو دورو ڪري ترقياتي ڪمن جي معيار جو جائزو ورتو. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر چيو ته سنڌ حڪومت پاران نارا تعلقي کي ترقياتي اسڪيمون ڏيڻ جو مقصد علائقي واسين کي بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ آهي ته جيئن کين مشڪل پيش نه اچي. هن چيو ته اسڪيمن جي ڪم جي معيار تي ڪنهن به قسم جو سمجهوتو نه ڪبو، جيڪا اسڪيم عوام کي لاڀ نه ڏئي سگهي ته لاڳاپيل عملدارن ۽ ٺيڪيدارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪبي. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ جي عملدارن کي هدايت ڪندي چيو ته علائقي واسين کي مستقل بنيادن تي پيئڻ جو صاف پاڻي فراهم ڪيو وڃي ان سلسلي ۾ ڪوتاهي برداشت نه ڪبي، هن مختيارڪار نارا ۽ ميونيسپل عملدارن کي پڻ هدايت ڪندي چيو ته شهر مان حددخليون ختم ڪري صفائي سٿرائي کي يقيني بڻايو وڃي. ان موقعي تي اي ڊي سي ٽو اقبال حسين جنڊاڻ، ڊي ايم پي پي ايڇ آئي محمد ثاقب صديقي، مختيارڪار نارا محمد قاسم ڌانڌو، تعلقه هيلٿ آفيسر ۽ ٻيا عملدار ڊپٽي ڪمشنر سان گڏ هئا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو